ڄام نندو خان ٽالپر

ڄام نندو خان ٽالپر: مير خان ٽالپر اول'>شهداد خان ٽالپر اول ڪلهوڙن جو سپه سالار هو، کيس چار پٽ مير خان ٽالپر'>ڄام نندو خان ٽالپر، مير چاڪر خان ٽالپر، مير بهرام خان ٽالپر ۽ مير خير محمد خان ٽالپر نالي هئا. مير خان ٽالپر'>ڄام نندو خان ٽالپر پنهنجي پيءُ مير شهداد خان ٽالپر کان پوءِ ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي لشڪر جو سپه سالار مقرر ٿيو. مير ڄام نندو خان وڏو بهادر ۽ سخي هو. 1725ع کان 1728ع تائين دائود پوٽن سان شڪارپور ۽ ’ٻيٺ دٻيءَ‘ جي جنگين ۾ پنهنجي پيءُ سان گڏ خان ٽالپر'>ڄام نندو خان ٽالپر به شريڪ هو. ان کانسواءِ 1731ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي فوج هٿان قلات جي حاڪم مير عبدالله خان مارجي ويو هو، ان جنگ ۾ پڻ ٽالپرن جو سردار مير شهداد خان ٽالپر ۽ سندس پٽ مير ڄام نندو خان شريڪ هئا. مير شهداد خان 1734ع ۾ فوت ٿيو، تڏهن ڄام نندو خان، ڪلهوڙن جي درٻار ۾ والد واري رتبي تي فائز ٿيو. مير ڄام نندي خان هر جنگ ۾ وڏا بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريا هئا، جڏهن نادر شاهه 1739ع ۾ ميان نور محمد خان جا پٽ يرغمال طور تي وٺي ويو هو، تڏهن مير ڄام نندو خان به انهن سان گڏ ايران ويو، ايران وڃڻ سان ئي هن اتي حضرت امام علي رضا عليه السّلام جي روضي ۽ ٻين مقدس مقامن جي زيارت ڪئي ۽ ترت ڪربلا، نجف ۽ شام مان پڻ زيارتون ڪري آيو ۽ اچي مشهد ۾ وفات ڪيائين. مير ڄام نندو سنڌي زبان جو هڪ سٺو شاعر به هو. سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
هن اوڏائي سپرين، ان جا پکا ٿا پسجن،
ويچاري ويهڻ نه آئي، اوجهلي جنجيرن،
نئرن ۾ نندو چئي، ان جي ڪر نه لڌي ڪن،
لوهه جمالي وڃن، نئر نه لهي نينهن جو.
مير ڄام نندي ٽالپر کي ٻه پٽ شهداد خان ثاني (منڊو) ۽ ڄام فيروز خان نالي هئا. هي ٻئي ڀائر اڻ پڙهيل هئا، جڏهن ميان سرفراز ڪلهوڙي ۽ ٽالپر اميرن ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي، تڏهن مير نندي ٽالپر جي پٽن پنهنجي چاچي مير بهرام خان ٽالپر ۽ سؤٽ مير صوبدار خان ٽالپر جي گهر ۾ گهڙي ڦرلٽ ڪئي. مير بهرام جي گهر مان سواءِ مستورات جي چادرن کان باقي سڀ ڪجهه ڦري کڻي ويا. هيڏانهن مير بهرام ۽ مير صوبدار جو شهيد ٿيڻ ۽ هوڏانهن ڄام شهداد منڊي ۽ ڄام فيروز جي ڦُـر ڪرڻ، هنن جو اولاد خيرپور (سوڀيديري) ۾ آباد آهي.


لفظ ڄام نندو خان ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو